طائي ذات

طائي (ذات): هڪ عرب قبيلو، جن مان ڪجهه هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. عربن ۾ هڪ ”جبريه“ قبيلو آهي هي انهن مان آهن، هنن کي تيمي به چون ٿا. محمد بن قاسم، موسيٰ بن يعقوب طائي کي اروڙ جو قاضي مقرر ڪيو هو. ڪتاب” سومرن جو دور“ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڄاڻائي ٿو ته ”طائيسومرا آهن. عمار بن حسان طائي شهيد ڪربلا پڻ هن ”طائي“ قبيلي مان ٿي گذريو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو